مڪيش بارٿاڻي

مڪيش بارٿاڻي

مڪيش بارٿاڻي

مُڪيش بارٿاڻي: ليکڪ، محقق ۽ استاد مڪيش بارٿاڻي جو اصل نالو خوشحالداس سوٽھڙ آھي. 20 جنوري 1988ع تي نيو ڇور ۾، ڄيِٺانند بارٿاڻي سوٽھڙ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ نيو ڇور ۽ عمرڪوٽ مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان MBA جي ڊگري حاصل ڪئي. ايم-فل جي ڊگري سماجيات جي موضوع ۾، سائوٿ ايشين يونيورسٽي، نئين دھلي (انڊيا) مان ورتي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان “Dalit Involvement in Petty Entrepreneurship and changes in their Socioeconomic Status” ھو. ھن، لکڻ جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران، پنھنجي شعبي مان نڪرندڙ خاص پرچي ’ديوالي مئگزين‘ جي چيف ايڊيٽر طور ڪئي. سياسي، سماجي ادبي، علمي، معيشت ۽ تاريخ تي لکيل سندس ڪالم ۽ مضمون سنڌي توڙي اردو اخبارن ۽ رسالن ’سنڌايڪسپريس‘ ’ڪاوش‘ ’ھلال پاڪستان‘ ’ڪوشش‘ ۽ ’پاسبان (اردو) ’سنڌراڻي‘ ۽ ’ڀليڪار‘ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ، ’نيو ڇور کان نئين دھلي (2018ع)، ’سورهيه است نيپال مست‘(سفرنامو-2019ع) ۽ ’نيو ڇور جو تاريخي پسمنظر (تحقيق2021ع) شامل آھن. مارچ 2022ع کان تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪم ڪري رھيو. کيس ’بزمِ روح رھاڻ‘ پاران حميد سنڌي اوارڊ (2019) ۽ قومي اقليتي ڪميشن طرفان مڃتا اوارڊ (2020) مليا آھن. ھي نيپال سميت ھندستان جي ادبي ڪانفرنسن ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.01.20  عيسوي

ليکڪ، محقق ۽ استاد مڪيش بارٿاڻي جو اصل نالو خوشحالداس سوٽھڙ آھي. 20 جنوري 1988ع تي نيو ڇور ۾، ڄيِٺانند بارٿاڻي سوٽھڙ جي گھر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
بکر فقير
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
بگو جروار استاد
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
تاج محمد مشتاق مولوي
رگهورام سنت
سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني
ڏهيسر
صديقي محمد صالح
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون